علي نواز آريسر

علي نواز آريسر

علي نواز آريسر

علي نواز آريسر: ناليوارو اديب ۽ محقق علي نواز ولد محمد قاسم آريسر، 30 مارچ 1982ع تي انڙآباد، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد قاسم آريسر مان 1993ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڇور مان 1998ع ۾، انٽر گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڇور مان 001ع ۾، بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان 2003ع ۾، ايم. اي سنڌي ادب ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان 2011ع ۾ ڪئي. نامور اديب، دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سان خانداني وابستگي سبب کيس ننڍپڻ کان ئي هڪ ادبي ماحول مليو. هن لکڻ جي شروعات 2006ع کان ڪئي. هيءُ 2006ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ پروگرام شعبي ۾ اسسٽنٽ طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. علي نواز جا ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. هن ڪجهه وقت روزاني ‘سچ’ (2003ع) ۽ روزاني ‘تعمير سنڌاخبار ۾ پڻ ڪم ڪيو. علي نواز، سنجها پبليڪيشن حيدرآباد جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ان کان سواءِ هيءُ حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار ڪينجهر رسالي جو سب ايڊيٽر، سلسليوار فرينڊس مئگزين ۽ سامروٽي رسالي جو ڪنوينر پڻ آهي. کيس عبدالواحد آريسر سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 2007ع ۾ گرفتار پڻ ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: زندگي، آزادي، محبت (ترتيب: 2009ع)، ماڻهو مڻيادار (سوانح: 2011ع)، قومي تحريڪ جا شهيد (خاڪا: 2014ع)، جي مون سانڍيا ساهه ۾ (خاڪا: 2014ع)، بهار آندا پٽن جا لاشا (ترتيب: 2014ع)، چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو (راڳي صادق فقير بابت: ترتيب: 2015ع)، سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (2016ع)، عشق ۽ محبت جو سفير (سرور سهتو بابت: ترتيب: 2016ع)، سنڌ هِتي سنڌ هُتي (2017ع ۾ ڀارت ۾ ڇپيل)، ويو وڻجارو اوهري (ترتيب: 2018ع) ۽ ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال (ترتيب: 2018ع) شامل آهن. علي نواز آريسر، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ‘سنڌي سفرنامي جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو’ جي عنوان تي ايم. فل ڪري رهيو آهي.


لفظ علي نواز آريسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.30  عيسوي

ناليوارو اديب ۽ محقق علي نواز ولد محمد قاسم آريسر، 30 مارچ 1982ع تي انڙآباد، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گنگا رام سمراٽ
رشمي راماڻي
رزاق مهر
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
پلي معمور يوسفاڻي
شوڪت صديقي
رانجهاڻي عزيز
چاولا ارجن
علي اظهار
شاهد احمد دهلوي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون